سائل ڪوش

سائل ڪوش

سائل ڪوش

سائل ڪوش (لغت): هيءَ هڪ جلدي لغت، هند ۾ رهندڙ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري عالم ۽ تعليمي ماهر، پروفيسر سترامداس سوڀاسنگهه، جڙياسنگهاڻي ’سائل‘ جي تيار ڪيل آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو، احمدآباد، گجرات ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، سنڌ، سال 2009ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو آهي. سنڌيءَ جا ڪيترا اهم ۽ متروڪ لفظ هن لغت ۾ موجود آهن. پروفيسر صاحب جي هيءَ لغت ڌارين لفظن کان آجي لغت آهي.
هن ڊڪشنريءَ جو تفصيلي مهاڳ نامياري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي. ان کانسواءِ ڊاڪٽر فهميده حسين، ناري ساولاڻي ۽ رام بخشاڻيءَ جا رايا به ڊڪشنريءَ ۾ شامل آهن. ڊبل ڪرائون، پڪي ٽائيٽل واري 574 صفحن تي مشتمل هن ڊڪشنريءَ جي قيمت 650 روپيا آهي.


لفظ سائل ڪوشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو